پهرين سنڌي اخبار

پهرين سنڌي اخبار: سنڌ ۾ اخبار نويسيءَ جي شروعات انگريزي اخبار ’ڪراچي ايڊورٽائيزر‘ سان 1844ع ۾ ٿي، جيڪا ڪراچيءَ مان هر سومر ۽ خميس تي شام جو باقاعدي نڪرندي هئي. ان کانپوءِ اڻويهين صديءَ ۾ پهرين فارسي اخبار ’مراَت الاخبار‘ جو نالو ملي ٿو، ننڍي کنڊ ۾ هيءَ پهرين اخبار هئي، جيڪا ڪلڪتي مان نڪرندي هئي. سنڌ مان پهرين باقاعدي فارسي اخبار ’مفرح القلوب‘ هئي، جنهن ۾ اردو شاعري به ڇپبي هئي، فارسي اخبار نويسيءَ جي سلسلي ۾ ’فوائد الاخبار‘ جو نالو ٻئي نمبر تي آهي. 25 مئي 1885ع تي گورنمينٽ پريس ڪراچيءَ مان هيءَ اخبار هفتيوار شايع ٿي، هن اخبار ۾ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ به مواد ڇپبو هو، انهيءَ اعتبار کان هن اخبار کي پهرين سنڌي اخبار چئي سگهجي ٿو. سنڌ مان شايع ٿيندڙ ٽين هفتيوار اخبار ’مطلع خورشيد‘ هئي، جيڪا 1860ع ۾ سکر مان جاري ٿي، ساڄي پاسي کان فارسي ۽ کاٻي طرف کان ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو هوندو هو، سال 1910ع تائين هيءَ اخبار بنا وقفي جي نڪرندي رهي. مٿيون اخبارون افغانستان، ايران ۽ هندستان ۾ وڏي شوق سان پڙهيون وينديون هيون، مواد جي مناسبت سان اخبارون مقبول ويون، سنڌ ۾ اخبار نويسيءَ جي شهرت عام هئي. اوڻويهين صديءَ جو پهريون اڌ فارسي اخبار نويسيءَ جو دؤر سڏيو وڃي ٿو.
ان مان واضح ٿيو ته سنڌ ۾ صحافت جو بنياد حقيقت ۾ فارسي اخبارنويسيءَ جي ذريعي پيو. سال 1853ع ۾ سنڌي صورتخطي تيار ٿيڻ سان ڪتاب لکجڻ لڳا، انهيءَ سان گڏ سنڌي اخبار جي سخت ضرورت محسوس ٿي، ۽ پوءِ مارچ 1881ع ۾ ڪراچيءَ مان مڪمل طور تي سنڌي اخبار ’معين الاسلام‘ شايع ٿي، هيءَ پهرين سنڌي اخبار هئي، جيڪا نِج سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪراچيءَ مان ڇپي، هن اخبار جا ايڊيٽر مرزا محمد شفيع ۽ مرزا محمد جعفر هئا. هيءَ پندرهن وار اخبار سرڪاري طور اسڪولن لاءِ منظور ٿي.
سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ هن اخبار جي وڏي هاڪ هئي، هارين، آبادگارن، زميندارن ۽ مالدارن بابت ڪارائتي معلومات سان گڏ حادثا ۽ واقعا به اخبار ۾ شايع ٿيندا هئا. عام معلومات لاءِ به هڪ ڪالم مخصوص هو، ان کان علاوه مذهبي ڄاڻ بابت پڻ ڪارائتو مواد ڇپجندو هو، سرڪاري روئداد ۽ قانون جو به هن اخبار وسيلي پرچار ٿيندي هو. هيءَ اخبار نثر، سنڌي ٻولي، توڙي رسم الخط جي تاريخ ۾ مثالي مڃي وڃي ٿي، اخبار ليٿو جي ڏهن صفحن تي مشتمل هوندي هئي. سچ پچ ته هيءَ اخبار داد جي لائق هئي، ڇاڪاڻ ته اوائلي هجڻ جي باوجود معياري سنڌي نثر جي ويجهو هئي. سال 1888ع جي شروعات ۾ ’معين الاسلامبند ٿي وئي ۽ ان جي جاءِ تي ’معاون مجمع‘ جاءِ سنڀالي ورتي.


لفظ پهرين سنڌي اخبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.03.00  عيسوي

مارچ 1881ع ۾ ڪراچيءَ مان مڪمل طور تي سنڌي اخبار ’معين الاسلام‘ شايع ٿي،



اخبارون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيداري
اصلاح
سوديشي
سنڌ قيصري
جاڳرتا
پهرين سنڌي اخبار
آفتاب سنڌ
شيوا جي اخبار
دولت دار
آس
اخبارون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون